جهانگير هاشمي

جهانگير هاشمي: شاهه جهانگير هاشمي، شاهه طيب جي اولاد مان هڪ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. مرزا شاهه حسن ارغون جي حڪومت جي ابتدا ئي ڏينهن ۾ خراسان کان سنڌ ۾ اچي بکر ۾ رهيو. تصنيف ۽ تاليف سان به شغف رکندو هو. ’تحفة الاصرار‘ جي جواب ۾ ’مظهر الآثار‘ ڪتاب لکيائين. 946هه/ 1539ع ۾ حجاز جي سفر تي نڪتو ۽ ڪيچ مڪران جي سفر دؤران رستي تي وفات ڪيائين.


لفظ جهانگير هاشميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو